اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف به تقريب ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سينيٽ جو چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، سينيئر فوجي ۽ سول آفيسر ۽ سفارتڪار به موجود هئا. صدر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي ملڪ جي لاءِ ان جي شاندار خدمتن تي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. جنرل شمشاد مرزا 1987ع ۾ انفنٽري بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي، هن گرين فيلڊ يونيورسٽي برطانيا مان ايم ??يس سي (گلوبل سيڪيورٽي) ڪورس ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران جنرل ساحر شمشاد مرزا مختلف ڪم??نڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي اهم اسٽاف مقررين ۾ ٻه انفنٽري برگيئرز جي برگيڊ ميجر، پاڪستان ڪنٽينجينٽ، گڏيل قومن جي مشن، سير اليون ۾ جنرل اسٽاف آفيسر گريڊ ون (پلانز)، ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز ۽ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز، وائيس چيف آف جنرل اسٽاف، ايڊجوائنٽنڊ جنرل ۽ جنرل هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف جنرل اسٽاف شامل آهن. اهڙي طرح جنرل سيد عاصم منير احمد شاهه اپريل 1986ع ۾ 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن 17 هين او ٽي ??يس ڪورس جي اعزازي تلوار حاصل ڪئي، هو فوجي اسڪول جاپان، ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا، ملائيشن آرمڊ فورس ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوالالمپور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ آهي. هن پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي مئنيجمينٽ ۾ ايم فل جي ڊگري به هاصل ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران جنرل عاصم منير مختلف ڪم??نڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي نمايان اسٽاف مقررين ۾ انفينٽري برگيڊ جي برگيڊ ميجر، چيف آف جنرل اسٽاف سيڪريٽريٽ ۾ جنرل اسٽاف آفيسر گريڊ ٻه، ڊائريڪٽنگ اسٽاف ڪم??نڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ چيف آف اسٽاف آف اسٽرائيڪ ڪور شامل آهن. جنرل عاصم منير 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ انفينٽري برگيڊ، فورس ڪم??نڊ ناردرن ايرياز ۽ 30 ڪور جي ڪم??نڊ ڪئي آهي. هو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تربيتي دستي جي قيادت به ڪري چڪو آهي. هن کي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري انٽيليجنس ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي حيثيت سان پاڪستان جي ٻنهي اهم انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهي جو منفرد اعزاز به حاصل آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جي ترقي ۽ مقرري کان اڳ هو پاڪستان آرمي جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو، جنرل عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي 29 نومبر 2022ع تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Panel to probe national kitty losses after ex-minister’s pilot licence remarks
-
PM forms committee for early realisation of accords with Azerbaijan
-
Woman, infant among 3 shot dead for ‘honour’ in Mardan
-
Speaker proposes friendship group between Sindh and Pyongyang
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
Blackjack Reliable Entertainment Website
-
Fortune Dragon Official Download Link
-
Wild Hell Entertainment کا سرکاری داخلہ
-
ٹبر آف ٹریژرز کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ مکمل رہنمائی اور تفصیلات
-
ڈائس ہائی/لو آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: ایک جدید اور پرکشش گیمنگ تجربہ
-
لکی ڈریگن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات
-
ڈائس ہائی/لو آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: ایک جدید اور پرکشش گیمنگ تجربہ