نيويارڪ / اس??ام آ??اد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس اس??يٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پ??ري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پاران مثبت پ??غام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Nawaz doesnt rule out meeting with Zardari in London : One person hell-bent on giving govt sleepless nights
-
Pakistan, Afghanistan discuss way forward after Taliban chiefs death
-
Balochistan passes Rs 287 billion provincial budget
-
Army chief says solving Kashmir issue indispensible for peace
-
Will chant Go Nawaz Go if demands not met: Bilawal
-
Blacklisted Afghan national deported
-
لکی رٹ انٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
آن لائن ڈیٹا بیس اور آفیشل گیم ویب سائٹ کی مکمل معلومات
-
Yibang الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
صبا اسپورٹس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے مکمل گائیڈ
-
سمرفز ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی مکمل گائیڈ
-
چین ریسورسز سپورٹس ایپ: تفریح اور کھیلوں کی بہترین ویب سائٹ